پي سي بي اقبال قاسم جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ڪرڪيٽ ڪميٽي جي سربراهه جي حيثيت سان اقبال قاسم جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي.
اقبال قاسم گذريل ڏينهن به پي سي بي ڏانهن موڪليل پنهنجي استعيفيٰ ۾ لکيو ته هو هڪ ڊمي چيئرمين آهي جيڪو هڪ مستحق ميچ ريفري به تجويز نٿو ڪري سگهي، ڪرڪيٽ کيڏندڙ اهڙن ڪرڪيٽرن جي اهليت جي معيار تي پورو لهي ٿو ان سان ناانصافي ڏسي گهڻو ڏک ٿيندو آهي.
پي سي بي اقبال قاسم جي استعيفيٰ قبول ڪندي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هي واقعو افسوس جوڳو آهي ته اقبال قاسم جهڙي صلاحيتن واري هڪ ناليواري، تجربيڪار ڪرڪيٽ رضاڪاراڻي طور تي پنهنجو عهدو ڇڏي ڏئي.
پي سي بي موجب رانديگر طور هڪ ٻيو ايڊمسٽريٽر ڪرڪيٽ جي لاءِ هن جون خدمتون شاندار آهن، پي سي بي انهن جي فيصلي جو احترام ڪيون ٿا ۽ هن جي مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيون ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔