چين بيجنگ لاءِ پاڪستان سميت 8 ملڪن کي فلائٽس آپريشن جي اجازت ڏئي ڇڏي

بيجنگ: چين بيجنگ لاءِ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن مان سڌيون عالمي اڏامون ٻيهر شروع ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
چين جي ايوي ايشن اٿارٽي جي اختيارين موجب ڪورونا وائرس جي گهٽتائي ۽ 5 مهينن جي بندش کان پوءِ ڄاڻايل فيصلو ڪيو ويو آهي.
چيني اختيارين چيو ته نوان قانون اڄ کان ئي پاڪستان، ٿائيلينڊ، ڪمبوڊيا، يونان، ڊنمارڪ، آسٽرييا، سويڊن ۽ ڪينيڊا تي لاڳو هوندا.
هن چيو ته ڄاڻايل ملڪن ۾ امپورٽڊ ڪيسن جو انگ گهٽ آهي.
چين جي سول ايوي ايشن ايڊمنسٽريشن (سي اي اي سي) هڪ بيان ۾ چيو ته 3 سيپٽمبر کان بيجنگ لاءِ عالمي اڏامون آهستي آهستي ٻيهر شروع ٿي وينديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔