اسلام آباد ۾ ڊينگي بخار جو امڪان وڌي ويو، اسپتالن کان رپورٽ طلب

اسلام آباد: ملڪ جي گادي واري شهر جي انتظاميه ڊينگي بخار جي امڪان کي نظر ۾ رکندي اسپتالن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڊينگي مريضن ۽ لاڳاپيل معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. اسلام آباد جي انتظاميه اسپتال انتظاميه کي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ڊينگي سبب متاثر مريضن جو انگ ٻڌايو وڃي ۽ روزاني جي بنياد تي ڊينگي جي مريضن جو ڊيٽا گڏ ڪيو وڃي. انتظاميه جو چوڻ هو ته اسپتال عملي وٽ اينڊرائڊ موبائل فون هجڻ گهرجي ان کان علاوه اسپتال ۾ مقرر ٿيل ڪمپيوٽر آپريٽرن کي انٽرنيٽ جي سهوليت ڏني وڃي.
اسلام آباد جي انتظاميه سان ميٽنگ ۾ چيو ويو آهي ته اسپتال جو عملو ڊينگي ايپ انسٽال ڪري ۽ مريضن جو ڊيٽا شيئر ڪيو وڃي. ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب جي ضلعي ملتان جي نجي هوٽل ۾ وڏي انگ ۾ ڊينگي لاروا هٿ آيو هو جنهن کان پوءِ هوٽل انتظاميه کي نوٽيس جاري ڪيو ويو هو. صحت کاتي جي ڊينگي سرويلنس ٽيم ابدالي روڊ تي واقع هوٽلن جي حد ۾ واٽر سپلاءِ جي جمع پاڻي مان ڊينگي لاروا هٿ ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔