ڀارت ۾ پب جي سميت وڌيڪ 118 چيني ايپس تي پابندي

نئين دهلي: ڀارتي حڪومت لداخ جي معاملي تي چين سان تڪرار ۾ واڌ جي ڪري وڌيڪ 118 ايپلي ڪيشنز تي پابندي هڻي ڇڏي جنهن ۾ سڄي ڀارت ۾ مشهور گيم پب جي به شامل آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي حڪومت ڄاڻايل چيني ايپلي ڪيشنز تي پابندي بابت چيو ته اِهو قدم ڀارتي جي خودمختياري ۽ سالميت، دفاع ۽ سلامتي جي مفاد ۾ کنيو ويو. ٽيسنٽ هولڊنگز لميٽڊ جي ويڊيو گيم پب جي سڄي دنيا جي ٽاپ 5 اسمارٽ فون گيمز ۾ شامل آهي ۽ هن وقت تائين ان کي 73 ڪروڙ 40 لک کان وڌيڪ ڀيرا ڊائون لوڊ ڪيو ويو آهي.
رپورٽس موجب ڀارت ۾ پب جي جا 5 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ فعال پليئرز آهن پر اُتي هاڻ ان ايپ تي پابندي هنئي وئي آهي.
ڀارت جي اليڪٽرونڪس اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت موجب ان موبائيل گيم تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ايڪٽ جي سيڪشن 69 اي جي تحت ٻين ايپس سان گڏ پابندي لاڳو ڪئي وئي.
بيان ۾ چيو ويو ته هي فيصلو ڀارتي سائبر اسپيس جو تحفظ، سالميت ۽ خودمختياري کي يقيني بڻائڻ جي قدم تحت ڪيو ويو ۽ ان قدم سان ڪروڙين ڀارتي موبائيل ۽ انٽرنيٽ صارفن جي مفادن جو تحفظ ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔