محمد عامر جي پنهنجي ڌي سان ڀاڪر پائي ملڻ واري وڊيو وائرل

لاهور؛ قومي ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عامر انگلينڊ جي دوري کان واپسي تي پنهنجي ڌيءُ منسا سان ملڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.
فصيل موجب قومي ڪرڪيٽ ڪورونا جي وبا دوران انگلينڊ جو ڊگهو دورو مڪمل ڪرڻ بعد

وطن واپس آئي آهي ، ۽ رانديگر پنهنجن ٻارن سان جذباتي ويڊيوز جاري ڪن پيا.
فاسٽ بالر محمد عامر جي زال نرجس عامر پنهنجي ڌيءَ مانسا جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ منسا بابا کي ڀاڪر پائيندي نظر اچي رهي آهي منسا پنهنجي بابا کي گهڻو وقت تائين چميون ڏيندي رهي ٿي ، پيءُ ۽ ڌيءَ جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي
مداح محمد عامر جي خاندان لاء نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري رهيا آهن..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔