آمريڪا جو ڪورونا ويڪسين جي تياريءَ ۾ ڊبليو ايڇ او جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا صحت جي عالمي اداري جي قيادت ۾ ڪورونا ويڪسين تيار ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو نه بڻبو.
واشنگٽن پوسٽ اخبار ۾ ڇپيل هڪ بيان ۾ وائيٽ هائوس جي ترجمان چيو ته اهڙي ڪنهن تنظيم سان سهڪار نه ڪندو، جيڪا بدعنوان صحت جي عالمي اداري ۽ چين جي اثر هيٺ هجي.
واضح رهي ته دنيا جا 150 کان وڌيڪ ملڪ ڪورونا جي عالمي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي رهيا آهن، جنهن کي ”ڪوويڪس“ جو نالو ڏنو ويو آهي.
آمريڪي حڪومت جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي ٽوڙ لاءِ اسان پنهنجون الڳ ڪوششون جاري رکنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔