فارماسيوٽيڪل ڪمپنين پاران ٽيهه سيپٽمبر تائين دوائن جا اگهه نه وڌائڻ جو فيصلو

اسلام آباد: فارماسيوٽيڪل ڪمپنين هلندڙ سال 30 سيپٽمبر تائين دوائن جا اگهه نه وڌائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. صحت جي قومي وزارت جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال جي ٽن مهينن دوران دوائن جا اگهه نه وڌايا ويندا. اهو فيصلو ڪورونا جي صورتحال ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب اپريل 2018 جي ڊرگ پاليسي تحت دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين 7 کان 10 سيڪڙو قيمت وڌائي سگهن ٿيون ۽ ساليانو ڪنزيومر پرائس انڊيڪس جي بنياد تي واڌ ڪري سگهن ٿا.صحت واري وزارت جي ترجمان دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين کي اگهه نه وڌائڻ واري فيصلي جي تعريف ڪئي. ان حوالي سان چيئرمين پنجاب ڪيمسٽس اينڊ ڊرگز ايسوسيئيشن زاهد بختاوري جو چوڻ آهي ته حڪومت دوائن جا اگهه نه وڌائڻ جو مطالبو ڪيو هو جيڪو ڪورونا جي صورتحال سبب تسليم ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔