ڪرونا وائرس صرف ڦڦڙن کي نه پر دل کي نقصان رسائي رهيو آهي؛ تحقيق

واشنگٽن: ڪورونا وائرس تي نئين تحقيق ۾ سامهون آيو آهي ته هي وائرس صرف ڦڦڙن کي ئي نه پر دل کي به نقصان پهچائي رهيو آهي.جرمني جي شهر فرينڪفرٽ ۾ ڪيل تحقيق موجب ڪورونا وائرس سبب دل کي نقصان پهچڻ جي ڪيسن ۾ وڌيڪ انگ نوجوانن جو سامهون اچي رهيو آهي. تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڪورونا سبب متاثر 39 سالن تائين جا 100 ماڻهن ۾ 80 سيڪڙو جا دل متاثر ٿيا ۽ 60 سيڪڙو ماڻهن جي دل جي حصن ۾ سوڄ ڏٺي وئي.رپورٽ موجب آمريڪا ۾ به اهڙي طرح جا ڪيترائي ڪيس سامهون اچي چڪا آهن ۽ ان باري ۾ وڌيڪ جاچ جاري آهي. ڊاڪٽزن ۽ ماهرن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس ڦڦڙن سان گڏوگڏ جسم جي ڪنهن به حصي خاص ڪري دل کي سخت نقصان پهچائي سگهي ٿو ان ڪري دل جي مريضن، شوگر ۽ هاءِ بلڊ پريشر جي مريضن کي ڪورونا کان بچڻ جي لاءِ وڌيڪ احتياط جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔