بيمارين مان بيزاري نه پر انهن جو علاج ضرور ڪرائجي: سونيا حسين

لاهور: پاڪستاني اداڪاره ۽ ماڊل سونيا حسين چيو آهي ته بيماري کان بيزار ڇو ٿيندا آهيو ان جو علاج ڪرايو اهو ضروري آهي.ميڊيا رپورٽ موجب اداڪاره جو چوڻ هو ته مريض کي دوا ڏيو پر کيس طعنو نه ڏيو. هن سوشل ميڊيا تي پنهنجي نئين ڊرامي(سراب) جو پوسٽر شيئر ڪندي چيو آهي ته بيمارين کان بيزاري نه پر انهن جو علاج ضروري آهي.هن پنهنجي پوسٽ ۾ ذهني مسئلن جو شڪار ماڻهن کي معاشري ۾ ڏنل طعنن تي به روشني وڌي. اداڪاره جو چوڻ هو ته اسان جو ڌيان ڪنهن جي زندگي بچائي سگهي ٿو ڪنهن به مريض کي ڪڏهن به طعنو ڏئي ذهني دٻاءُ جو شڪار نه ڪريو پر ان جي دلجاءِ ڪريو ته جيئن هو صحتمند رهي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔