حليمه سلطان بابت بيان تي تنقيد کان پوءِ زالي سرحدي وضاحت پيش ڪري ڇڏي

ڪراچي: اداڪاره زالي سرحدي ترڪ اداڪاره حليمه سلطان بابت بيان ڏيڻ تي سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد کان پوءِ وضاحت ڏئي ڇڏي آهي.ڪجهه ڏينهن اڳ زالي سرحدي جو هڪ وڊيو ڪلب سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو هو جنهن ۾ هن ترڪ اداڪاره اسريٰ بلڪ جيڪا پاڪستان ۾ حليمه سلطان جي نالي سان مشهور آهي کي پاڪستاني برانڊز جو ايمبيسيڊر ٺاهڻ جي مخالفت ڪندي چيو هو ته پاڪستاني اداڪارائن جي جڳهه ترڪ اداڪاره کي مقامي برانڊز جو ايمبيسيڊر ٺاهڻ اسان جي منهن تي چماٽ آهي. زالي سرحدي وڌيڪ چيو هو ته اوهان ڇو اهڙين شين جي رونمائي لاءِ ڪنهن ٻئي ملڪ جي فنڪارائن کي آڻيندا آهيو. اوهان هتان جي ئي فنڪارن کان ڇو نٿا ڪم ڪرايو. اسان جا هتان جا ماڻهو ڪهڙي شيءَ کان ڊنل آهن. مان هن معاملي ۾ مڪمل طور تي ياسر حسين شاهه سان گڏ آهيان. سوشل ميڊيا تي زالي سرحدي کي اهو بيان ڏيڻ کان پوءِ سخت تنقيد جو نشانو بنايو ويو. جنهن کان پوءِ کيس ان بيان جي وضاحت ڏيڻي پئي. زالي سرحدي پنهنجي يو ٽيوب چينل (زالي ٽاڪس) ۾ وضاحت ڏيندي چيو آهي ته اڃان تازو ئي مون هڪ انٽرويو ڏنو هو جنهن ۾ مون چيو ته اسان جي منهن تي چماٽ آهي جيڪڏهن اسان ڪنهن ٻاهر جي اداڪاره کي پنهنجي ملڪ جي برانڊر جو سفير ٺاهيون.زالي سرحدي چيو ته منهنجي ان بيان کي سرخي ٺاهيو ويو ۽ اهائي سرخي وائرل ڪئي وئي پر منهنجو پورو بيان ڪنهن به ناهي ٻڌو ته مون اهو ڇو چيو. زالي سرحدي چماٽ واري بيان جي وضاحت ڪندي چيو ته چماٽ ان لاءِ چيو هو ڇو ته اسان ماڻهو پنهنجي فنڪارن کي اوليت نه ڏيندا آهيون ۽ پرڏيهي فنڪارن ۽ ان جي ڊرامن کي اوليت ڏيندا آهيون حالانڪه ان ماڻهن کي سڄي دنيا ۾ اڳ ئي سڃاتو ويندو آهي ۽ ظاهر آهي عوام کي به اهي ئي پسند ايندا آهن. ان ڪري مان ڪنهن ٻئي تي يا ٻاهر جي فنڪارن تي تنقيد ناهي ڪئي پر پنهنجي مٿان تنقيد ڪئي هئي پر منهنجي ڳالهه جو غلط مطلب ڪڍي ان کي وائرل ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔