ٽڪ ٽاڪ آمريڪا ۾ پابندي خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو

بيجنگ : چيني ويڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ آمريڪا ۾ پابندي خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا ان مقبول پليٽ فارم کي ملڪي سلامتي لاءِ هڪ خطرو قرار ڏيندي ان تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو هو.
6 آگسٽ تي جاري ان حڪم نامي ۾ چيو ويو هو ته 45 ڏينهن جي اندر ان چيني ايپ کي حاصل آمريڪا ۾ ڪم ڪرڻ جي آزادي ختم ڪئي ويندي.
ٽڪ ٽاڪ چيو آهي ته اسان آمريڪا ۾ پابندي خلاف عدالتي ڪارروائي ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔