پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيني دورو مڪمل ڪري واپس روانو

بيجنگ : پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چين جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري واپس ڏيهه روانو ٿي ويو، شاهه محمود قريشي دوري دوران چيني هم منصب سميت مختلف اختيارين سان ملاقاتون ڪيون ۽ پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڳالهين ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چين جو ٻن ڏينهن وارو سرڪاري دورو مڪمل ڪري واپس ڏيهه روانو ٿي ويو آهي، چيني اختيارين کيس حينان ايئرپورٽ تان الوداع ڪيو. شاهه محمود قريشي دوري دوران چيني هم منصب وانگ زي ۽ ٻين اختيارين سان ملاقاتون ڪيون ۽ اسٽريجڪ ڳالهين ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير جي چيني هم منصب سان ملاقات دوران خطي ۾ پيش ايندڙ خطرن ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت جي هندوتوا پاليسي سڄي خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهي، لداخ ۾ ڀارت جو هڪ طرفو قدم، ڀارت اڳرائي واري سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو…..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔