بابل ڀيو جي تاحيات نااهلي وارو فيصلو ڪالعدم قرار، چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ، پيپلز پارٽي جي اڳواڻ بابل خان ڀيو جي تاحيات نااهلي وارو ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي کيس ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته آر او جعلي ڊگري جي بنياد تي تاحيات نااهلي جو فيصلو نٿو ٻڌائي سگهي، ارڙهين ترميم بعد ڪورٽ آف لا اهڙو فيصلو ٻڌائي سگهي ٿي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ بئنچ جعلي ڊگري ڪيس ۾ تاحيات نااهلي خلاف بابل خان ڀيو جي درخواست تي لکت ۾ 8 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت جعلي ڊگري جي بنياد تي ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي بابل خان ڀيو کي ايندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ريٽرننگ آفيسر جعلي ڊگري جي بنياد تي تاحيات نااهلي نٿو ٻڌائي سگهي، ارڙهين ترميم کانپوءِ ڪورٽ آف لا ئي تاحيات نااهلي جو فيصلو ٻڌائي سگهي ٿي. عدالت فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آر او وٽ ڪي به واضح ثبوت سامهون نه آندا ويا، تنهنڪري بابل ڀيو کي ايندڙ چونڊون وڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي. بابل خان ڀيو 2013ع ۾ شڪارپور جي صوبائي تڪ پي ايس 12 تان ميمبر چونڊيو هو، جنهن کي بعد ۾ آر او پاران جعلي ڊگري جي بنياد تي تاحيات نااهل قرار ڏنو ويو هو. سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي ميمبر بابل ڀيو تي شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي جعلي ڊگري جمع ڪرائڻ جو الزام هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔