ملڪ ۾ هڪ سال دوران مهانگائي شرح ساڍا 8 سيڪڙو تائين پهچي وئي

اسلام آباد : ملڪ ۾ مهانگائي پِيڙهِيل طبقي کي اڏوهِي جيان کائڻ لڳي، هڪ سال دوران مهانگائيءَ جي شرح وڌي ساڍا 8 سيڪڙو تائين پهچي وئي. شماريات واري اداري موجب گذريل هفتي مهانگائيءَ جي شرح ۾ ڏهائي 96 سيڪڙو اضافو ٿيو، ڪڻڪ، اٽي، پٽاٽن، ڳڙ ۽ دالين سميت 20 کاڌي پيتي واريون شيون مهانگيون ٿيون. شمارياتي کاتي موجب گذريل هفتي عام واهپي جي استعمال وارين 9 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي ۽ 22 جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. شماريات واري اداري موجب هڪ هفتي ۾ بجليءَ جي اگهن ۾ 36 پئسا في يونٽ تي اضافو ٿيو، کنڊ جي قيمت ۾ 50 پئسا في ڪلو تي واڌ ٿي، اٽي، پٽاٽن، ڳڙ، دالين جون قيمتون به وڌيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔