سلامتي ڪائونسل جي اڪثريتي ميمبرن ايران تي پابندين جي مخالفت ڪري ڇڏي

نيويارڪ: گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترن ئي ميمبرن ايران تي عالمي پابنديون بحال ڪرڻ واري آمريڪي مطالبي جي مخالفت ڪري ڇڏي.

آمريڪا جي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو گذريل ڏينهن گڏيل قومن ۾ هڪ خط پيش ڪيو هو جنهن ۾ ايران تي عالمي پابنديون بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.

پرڏيهي ميڊيا موجب ان معاملي تي آمريڪا اڪيلو ٿي پيو آهي ڇو ته سلامتي ڪائونسل جي 15 ميمبرن مان 13 ميمبرن ايران تي پابنديون بحال ڪرڻ جي مخالفت ڪئي آهي.

انهن 13 ميمبرن جو چوڻ آهي ته جنهن نيوڪليئر ڊيل تان آمريڪا ٻه سال اڳ هٿ کنيو هو ان کي استعمال ڪرڻ واشنگٽن جو اهڙو قدم نامناسب آهي. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔