ڊاڪٽر ماها تائين هٿيار ڪيئن پهتو، پستول جي مالڪ پوليس کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ ڊاڪٽر ماها جي مبينا خودڪشي ۾ استعمال ٿيندڙ پستول جي مالڪ پوليس سان رابطو ڪيو.

ڊفينس جي علائقي ۾ ڊاڪٽر ماها مبينا خودڪشي جي معاملي تي پوليس جي جاچ ۾ وڌيڪ انڪشاف ٿيو آهي.

ڊاڪٽر ماها جي مبينا خودڪشي ۾ استعمال ٿيل پستول جي مالڪ پوليس سان رابطو ڪيو آهي.

پوليس موجب پستول جي مالڪ سعد نصير جي گهر ڀاتين ماها علي جي گهر ڀاتين سان رابطو ڪيو هو.

سعد علي به ڊفيسن جو رهاڪو آهي ۽ شادي شده آهي، سعد پوليس آفيسر سان رابطو ڪيو ۽ پستول جي حوالي سان اهم معلومت ڏني.

پوليس ٻڌايو ته سعد نصير هٿيار پنهنجي هڪ دوست کي ڏنو هو پر ڊاڪٽر کي اهو هٿيار ان دوست ڏنو يا ڪنهن ٻئي ذريعي ان تائين پهتو، سعد نصير سرڪاري طور تي ٿاڻي اچي بيان ناهي ڏنو.

پوليس ماها جي گهر ڀاتين ۽ ان جي ويجهي دوست جنيد جو بيان وٺي چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔