ڪراچي بابت فيصلا ڪرڻ وفاق نه پر ڪراچي واسين جو حق آهي:بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي/اسلام آباد: پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو مرڪز کان صوبائي سطح تائين پارٽي جي نئين سري سان تشڪيل ۽ سياسي صفبندي جو فيصلو ڪيو آهي.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي صدارت ۾ بلاول هائوس ڪراچي ۾ پارٽي جو اهم مشاورتي اجلاس ٿيو، ان موقعي تي بلاول ڀٽو ڪراچي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي سربراهه وقار مهدي ۽ سنڌ حڪومت جي ذميوارن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ پارٽي جي نئين سر تشڪيل جي سلسلي ۾ تجويزون گهريون آهن.

ان موقعي تي بلاول ڀٽو چيو ته ڪراچي شهر جي ترقي لاءِ پيپلزپارٽي مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي، ڪراچي کي وفاق حوالي ڪندڙن کي هوش اچڻ گهرجي، ڪراچي بابت فيصلا ڪرڻ وفاق نه پر ڪراچي واسين جو حق آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔