ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 10 مريض فوت

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 10 مريض فوت ٿي ويا، حياتيون وڃائيندڙ ماڻهن جو انگ 6 هزار 231 ٿي ويو. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 586 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، جنهن کانپوءِ متاثرن جو انگ وڌي 2 لک 92 هزار 174 تائين پهچي ويو آهي. اين سي او سي موجب هيل تائين 2 لک 75 هزار 317 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ ايڪٽو ڪيسز جو انگ 10 هزار 626 رهجي ويو آهي. اين سي او سي موجب سنڌ ۾ هڪ لک 27 هزار 691، پنجاب ۾ مريضن جو انگ 96 هزار 57، ڪي پي ۾ 35 هزار 602 ۽ بلوچستان ۾ ڪرونا ڪيسز جو انگ 12 هزار 473 ٿي ويو آهي. اسلام آباد ۾ ڪرونا جا مريض 15 هزار 472، آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 241 ۽ گلگت بلتستان ۾ 2 هزار 638 رپورٽ ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔