ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات کانپوءِ ڪيترائي فيڊر ٽرپ،اڪثر شهرن ۾ بجلي جي فراهمي معطل

ڪراچي :سنڌ جَي راڄڌاني ڪراچي سميت صوبي جي مختلف شهرن ۾ برسات کانپوءِ ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿي ويا، جنهن سبب اڪثر شهرن ۾ بجلي جي فراهمي معطل آهي. ڪراچي ۾ برسات بعد ڪي اليڪٽرڪ جا 200 فيڊر ٽرپ ٿي ويا، جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. لوڊشيڊنگ کان آجا قرار ڏنل علائقا به اوندهه ۾ ٻڏل آهن، جڏهن ته لوڊشيڊنگ وارن علائقن ۾ 8 کان 12 ڪلاڪ بجلي بند آهي. هوڏانهن حيدرآباد، ميرپور خاص، ٿرپارڪر سميت ٻين شهرن ۾ به برسات بعد بجلي جي فراهمي معطل ٿيل آهي، جنهن سبب شهرين کي پريشانيون ڀوڳڻيون پئجي رهيون آهن، واضح رهي ته سنڌ جي راڄڌاني سميت سموري صوبي ۾ بجلي جو نظام ايترو ته ڪمزور آهي جو برسات شروع ٿيندي ئي اڪثر شهر اوندهه ۾ ٻڏل رهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔