بلوچستان ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، ندي نالن ۾ چاڙهه، اڪثر علائقن ۾ زميني رابطا ڪٽجي ويا

ڪراچي: بلوچستان ۾ به برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، ندي نالن ۾ چاڙهه سبب اڪثر علائقن ۾ زميني رابطا ڪٽجي ويا آهن. بلوچستان جي شيراني ضلعي ۾ زوب ڊي آءِ خان روڊ لڙهي ويو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل هئڻ جي ڪري رهواسين کي پريشانيون ڀوڳڻيون پئجي رهيون آهن. بولان ندي ۾ چاڙهه سبب گيس پائيپ لائين ٽٽي پئي، جنهن جي ڪري مچ سميت مختلف شهرن کي گيس فراهمي معطل ٿيل آهي. هوڏانهن موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان سميت اڪثر شهرن ۾ اڱاري تائين برسات جاري رهي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔