ڪورونا وائرس کي ختم ٿيڻ ۾ 2 سال لڳي سگهن ٿا: صحت جو عالمي ادارو

ڪراچي : صحت جي عالمي اداري ڪورونا وائرس 2 سال جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ڊي جي ٽيڊروس پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 1918ع ۾ آيل هسپانوي فلو جي وبا کي ختم ٿيڻ ۾ 2 سال لڳا هئا، امڪان آهي ته ڪورونا وائرس کي به مڪمل طور ختم ٿيڻ ۾ 2 سال لڳي وڃن. ٽيڊروس جو چوڻ هو ته ڪجهه ملڪن ۾ ڪورونا منتقلي جي شرح ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي پر ان جو هر گز اهو مطلب ناهي ته اسان ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي سوڀ حاصل ڪري ورتي آهي. صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس عوام کي اپيل ڪئي آهي عالمي وبا کي شڪست ڏيڻ لاءِ هر ماڻهو کي گهرجي ته هو لاڳاپيل ادارن سان سهڪار ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔