ڪراچي ۾ اڄ به هلڪي ۽ تيز برسات جو امڪان

ڪراچي: موسميات کاتي پاران گذريل ڏينهن وانگر اڄ به سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي .

موسميات کاتي موجب گذريل ڏينهن شروع ٿيل برسات جو سلسلو ايندڙ ٻن ڏينهن تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي .

چوماسي جي پنجين اسپيل ۾  ڪراچي سميت سنڌ ۾ موسميات کاتي جي اڳڪٿي کان وڌيڪ برسات پئي جنهن صوبي ۾ تباهي مچائي ڇڏي

ڪالهه سرجاڻي ۾ 170 ملي ميٽر برسات پئي جڏهن ته موسميات کاتي پاران وڌ ۾ وڌ 80 ملي ميٽرن تائين برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔