نواز شريف جي واپسي لاءِ برطانوي حڪومت سان رابطي جو فيصلو درست آهي:فواد چوڌري

اسلا م آباد: سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نوازشريف جي واپسي لاءِ حڪومت پاران برطانوي حڪومت سان رابطي جو فيصلو درست آهي .

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي شيئر ڪيل پنهنجي هڪ پيغام ۾ فواد چوڌري چيو آهي ته ميڊيڪل رپورٽس جي انڪوائري ڪرائڻ به حڪومت جو درست فيصلو آهي .

هن جو چوڻ هو ته نواز شريف جي لنڊن روانگي سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي بيانيي ۽ احتساب جي عمل کي ڌچڪو لڳو.

سندس چوڻ هو ته جعلي رپورٽن جي تياري ۾ جن ماڻهن جو ڪردار آهي انهن کي عبرت جو نشانو بڻائڻ گهرجي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔