سڄي سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز 24 ڪلاڪن لاءِ بند

ڪراچي: سوئي سدرن گيس ڪمپني (ايس ايس جي سي) اعلان ڪيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز 24 ڪلاڪن لاءِ بند رهندا .

ايس ايس جي ايس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گيس جي قلت جي باوجود ڪي اليڪٽرڪ کي گيس ڏني پئي وڃي جنهن ڪري بحران وڌي ويو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي 190 ايم ايم سي ايف گيس ڏني پئي وڃي ، گهٽ پريشر جي ڪري گهريلو واهپيدارن جي طلب پوري ڪرڻ ۾ به ڏکيائي پيش اچي رهي آهي .

ترجمان ايس ايس جي سي جو چوڻ هو ته ڪمرشل سيڪٽر کي طلب پوري ڪرڻ ۾ به نهايت ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي . مختلف گيس فيلڊز کان ملندڙ گيس جي مقدار ۾ به گهٽتائي ٿي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔