پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جِي صدارت ۾ اهم اجلاس، ڪراچي ۾ سٺي ساک رکندڙماڻهن کي ايڊمنسٽريٽر مقررڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جِي صدارت ۾ بلاول هائوس ڪراچي ۾ اهم اجلاس دوران سنڌ جِي راڄڌاني ڪراچي شهر ۾ سٺي ساک رکندڙ مقامي سرڪاري آفيسرن يا سول سوسائٽي جَي ماڻهن کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. بلاول ڀٽو چيو آهي ته ڪراچي جِي ترقي لاءِ پيپلزپارٽي مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي، شهر کي وفاق حوالي ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ هوش ۾ اچن. بلاول چيو ته فطري مسئلن کي بنياد بڻائي ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جا مطالبا جاري رهيا ته پوءِ اهو سلسلو بند نه ٿيندو. هن چيو ته ڪراچي شهر منهنجو آهي ۽ مونکي شهر جِي ترقي پيارِي آهي، شهر بابت فيصلو ڪرڻ جو حق وفاق نه، ڪراچي وارن کي آهي. بلاول چيو ته پيپلزپارٽي سڄي سنڌ ۾ عوام طرفان ڏنل اختيارن تي سوديبازي نه ڪندي. اجلاس ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه، فريال ٽالپر، قائم علي شاهه، نثار کهڙو، مرتضيٰ وهاب ۽ ٻيا شريڪ هيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔