نواز شريف جي واپسي لاءِ برطانوي پرڏيهي آفيس وسيلي درخواست داخل ڪئي ويندي: شبلي فراز

اسلام آباد :سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جي بليڪ لسٽ ۾ وڃڻ سان پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان ۾ اچڻ کان لنوائندا ۽ ڪرنسي تي پڻ دٻاءُ وڌندو، شيون مهانگيون ٿينديون، جنهن سان ماڻهن کي تڪليف ٿيندي. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف کي بليڪ لسٽ اچڻ جا نقصان ڄاڻڻ باوجود ڏٺو ته مخالف ڌر پڻ ان تي سياست ڪري رهي هئي، اها سياست حڪومت جي پهرين ڏينهن کان شروع ڪئي جڏهن وزيراعظم قسم کنيو، اهي پهرين ڏينهن کان چوڻ لڳا ته حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي. شبلي فراز چيو ته مخالف ڌر حڪومت کي بنيادي طور تي خراب ڪرڻ چاهي ٿي ڇو ته ان جي آڙ ۾ ڀلي ملڪ کي نقصان پهچي، اهي صرف انهن جي چوري ڪيل پيسو بچائڻ جي پرواهه آهي. وفاقي وزير چيو ته عمران خان هن ملڪ لاءِ فيصلا ڪري ٿو ڀلي کيس ان لاءِ سياسي قيمت ادا ڪرڻي پوي. هن چيو ته حڪومت کي مسلسل بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، مخالف ڌر هميشه اين آر او جو مطالبو ڪيو آهي، ڪورونا جي صورتحال ۾ جڏهن ٻڌي جي ضرورت هئي، انهن دٻاءُ وڌايو. شبلي فراز چيو ته مخالف ڌر جو مقصد هو ته ڪورونا سبب ايترا ماڻهو مرن جو حڪومت هلي وڃي يا مالي مالي حالت ايترا خراب ٿي وڃي جو حڪومت جي وڃڻ جو امڪان پيدا ٿئي، ان سان سندن پئسا محفوظ رهن ۽ اهي جيل وڃڻ کان به بچي وڃي، هن چيو ته نواز شريف جي واپسي لاءِ برطانوي پريڏيهي آفيس وسيلي درخواست داخل ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔