ڪراچي شهر کي بهتر بڻائڻ کانپوءِ ئي سُک جو ساهه کڻنداسين: وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي : ڪراچي جَي مختلف علائقن جَي دوري دوران وڏي وزير مراد علي شاهه برساتي پاڻي جو جائزو ورتو. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪراچي شهر کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جو هٿ آهي، شهر کي بهتر بڻائڻ بعد سُک جو ساهه کڻنداسين. وڏي وزير چيو ناگن چورنگي وٽ 180 ملي ميٽر برسات پئي آهي، ايڏِي برسات جو پاڻي نيڪال ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو. هن چيو ته شهر جَي 38 نالن مان 35 ڪي ايم سي ۽ 3 اين ڊي ايم اي صاف ڪري رهي آهي، اڃا تائين نالا بند پيل آهن، وڏي وزير چيو ته ڪراچي شهر ۾ گندڪچري جو مسئلو آهي، فنڊز جِي کوٽ سبب ورلڊ بينڪ کان مدد گهري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔