ڪورونا وگهي فوتگيون: ڀارت دنيا ۾ ٽئين نمبر تي اچي ويو

نئين دهلي: ڀارت ۾ هڪ ئي ڏينهن دوران ڪورونا جا 64 هزار کان وڌيڪ ڪيس سامهون اچي ويا جڏهن ته اتي سڄي دنيا ۾ ٽئين نمبر تي روزاني فوتگيون سامهون اچي رهيون آهن.
ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت ۾ گذريل 15 ڏينهن کان سڄي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ گذريل ڏينهن هڪ ڏينهن ۾ رڪارڊ 64500 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته 1092 فوتگيون به ٿيون. جنهن سبب ڀارت ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 27 لک 67 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي ۽ فوتگيون 52 هزار 800 کان وڌيڪ ٿي ويون آهن.
ان کان علاوه ڀارت ۾ هنيئر تائين ڪورونا وائرس سبب 20 لک 37 هزار کان وڌيڪ ماڻهو صحتياب به ٿي چڪا آهن. جيڪي ٽوٽل ڪيسن جو 73 سيڪڙو آهي. ڀارتي ميڊيا ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته اڱاري جي ڏينهن ڀارت ۾ سڄي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ 876 فوتگيون ٿيون جڏهن ته ٻئين نمبر تي آمريڪا ۾ 654 ۽ برازيل ۾ 620 فوتگيون ٿيون.
ڀارتي ميڊيا موجب ملڪ ۾ 30 جنوري تي ڪورونا جو پهريون ڪيس رپورٽ ٿيو هو جنهن کان پوءِ 200 ڏينهن ۾ 26 لک ڪيس رپورٽ ٿيا. 19 مئي تائين هڪ لک ڪيس رپورٽ ٿيا جيڪي جولاِءِ ۾ 6 لک تائين وڃي پهتا. جڏهن ته 31 جولاءِ تائين ڪيسن جو انگ 6 لک تائين وڃي پهتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔