مشن امپاسبل سيون جي شوٽنگ دوران اسٽنٽ غلط ٿيڻ سبب ڇوويهه لک ڊالرن جو نقصان

نيويارڪ: هالي ووڊ جي ايڪشن فلم مشن امپاسبل 7 جي شوٽنگ دوران اسٽنٽ غلط ٿي ويو آهي جنهن سبب فلم هڪ دفعو ٻيهر دير جو شڪار ٿي وئي آهي.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب فلم جو هڪ اسٽنٽ غلط ٿيڻ سبب فلمساز کي 26 لک ڊالرن جو ڳرو نقصان برداشت ڪرڻو پئجي ويو آهي.
برطانيه ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب مشن امپاسبل 7 جي شوٽنگ دير جو شڪار ٿي وئي هئي. پر تازو ئي پابندين ۾ نرمي کان پوءِ فلم جي شوٽنگ ٻيهر شروع ڪئي وئي هئي.
مشن امپاسبل ۾ شوٽنگ دوران ان اسٽنٽ ۾ مهانگي موٽرسائيڪل ۾ باهه لڳي وئي هئي پر حادثي ۾ ڪوبه زخمي نه ٿيو هو. اسٽنٽ دوران ان غلطي کان پوءِ فلم جي شوٽنگ عارضي طور تي روڪي وئي آهي. جڏهن ته مشن امپاسبل 7 کي 19 نومبر 2021 تي رليز ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔