مائيڪروسافٽ پنهنجي برائوزر انٽرنيٽ ايڪسپلورر کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لنڊن: مائيڪرو سافٽ آخرڪار 1995ع ۾ نيٽ اسڪيپ نيوي گيٽر جي مقابلي ۾ متعارف ڪرايل ويب برائوزر انٽرنيٽ ايڪسپلورر کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ٽيڪنالاجي ڪمپني تازو ئي پنهنجي هڪ بلاگ پوسٽ جي ذريعي اعلان ڪيو هو ته 17 آگسٽ 2021 کان مائيڪرو سافٽ جي 365 ايپس ۽ سروسز تان انٽرنيٽ ايڪسپلورر 11 جي سپورٽ ختم ڪئي ويندي.
ٻئي طرف مائيڪرو سافٽ ٽيمز ويب ايپ 30 نومبر 2020 کان برائوزر کي سپورٽ نه ڪندي. جڏهن ته هاڻ انٽرنيٽ ايڪسپلورر جي جڳهه ڪمپني جي برائوزر مائيڪرو سافٽ ايج وٺي ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔