ناروي ۾ ڀارتي شهري جاسوسي جي الزام هيٺ گرفتار

اوسلو: ناروي جي پوليس ناروي ۾ رهندڙ هڪ هندستاني جاسوس کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن پڇا ڳاڇا دوران ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي.
عالمي ميڊيا جي رپورٽن مطابق ناروي جي پوليس 50 ورهين جي هندستاني شهري هيرشرن سنگهه جي مشڪوڪ سرگرمين جو نوٽيس ورتو ، جيڪو ڇنڇر تي هڪ اهم اجلاس ۾ ويٺو هو.
پوليس شڪشار نالي هڪ شخص کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو ۽ کانئس اهم دستاويز هٿ ڪري ورتا آهن.
جوابدار جاچ دوران جاسوسي ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ۽ آفيسرن کي ٻڌايو ته هن جا هندستاني انٽيليجنس ايجنسين سان رابطا ۽ ملاقاتون هيون ۽ هن کي جاسوسي لاءِ وڏي رقم ملي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔