شامي حڪومت ۽ حزب الله قتل ۾ ملوث ناهن: پندرنهن سالن کان پوءِ رفيق حريري قتل جو فيصلو اچي ويو

بيروت: 15 سالن کان پوءِ لبنان جي اڳوڻي وزيراعظم رفيق حريري جي قتل واري ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو.
فيصلو گڏيل قومن طرفان ٺاهيل اسپيش: ٽربيونل ٻڌايو. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب گڏيل قومن طرفان ٺاهيل اسپيشل ٽربيونل 4 مان هڪ جوابدار کي ڏوهاري قرا رڏنو. جڏهن ته ٽن جوابدارن جي خلاف ثبوت کي ناڪافي قرار ڏنو ويو.
ٽربيونل جي فيصلي ۾ چيو يوو آهي ته سليم جميل عياش اڳوڻي وزيراعظم رفيق حريري جي قتل ۾ ملوث هو. ان جو تعلق لبناني تنظيم حزب الله سان هو. قتل ۾ شامي حڪومت ۽ حزب الله جي اڳواڻي جي ملوث هجڻ جو ثبوت ناهي مليو
ياد رهي ته 4 جوابدارن تي ان جي غير موجودگي ۾ قتل جو ڪيس هلايو ويو هو. 2005 ۾ بم ڌماڪي ۾ رفيق حريري سميت 21 ڄڻا مارجي ويا هئا. حزب الله قتل ۾ ڪنهن جي به ملوث هجڻ جي ترديد ڪري چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔