راند ملڪن کي ڳنڍڻ جو ذريعو هوندي آهي:ويدانت پٽيل

واشنگٽن : آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل چيو آهي ته راند ملڪن کي ڳنڍڻ جو ذريعو هوندي آهي، پاڪستان ۽ ڀارت گڏيل لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهن ٿا. نيويارڪ ۾ پريس بريفنگ ۾ ويدانت پٽيل جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ 9 نومبر تي ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪن ٿا. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سندن ڀائيوار آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان بيروت جي ڳتيل آبادي تي اسرائيلي حملن تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ويدانت پٽيل جو چوڻ آهي ته لبنان جي ڳتيل آبادي وارن علائقن تي حملن جي مخالفت ڪن ٿا، ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهن ته ڳتيل آبادي وارن علائقن تي حملن جي خلاف آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔