لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ اسموگ بابت ڪيس ۾ چيو آهي ته حڪومت کي اسموگ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 10 سالن جي پاليسي ٺاهڻ گهرجي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم اسموگ جي تدارڪ لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، انهي موقعي تي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب خالد اسحاق عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کي هدايت ڪئي ته پنجاب جي وزيراعليٰ واپس اچي ته اوهان کي اسموگ تي ڊگهي مدي جي پاليسي تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. گهٽ ۾ گهٽ 10 سالن جي پاليسي ٺاهڻ گهرجي.ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته پنجاب ۾ اليڪٽرڪ بسون هلائڻ جي لاءِ بجيٽ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ايندڙ سال جون کان اڳ اهي اليڪٽرڪ بسون روڊن تي هونديون، جڏهن ته اسان فوڊ سيڪيورٽي بابت به قدم کڻي رهيا آهيون. ايڊووڪيٽ جنرل وڌيڪ ٻڌايو ته ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ برسات جي پاڻي جي محفوظ بنائڻ جي لاءِ به قدم کڻي رهيا آهيون، زميني سطح جو گرمي پد به وڌائي رهيا آهيون اسان انهي تي به ڪم ڪري رهيا آهيون.خالد اسحاق چيو ته اربن فاريسٽ جي لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. مارچ ۾ عدالت کي انهي جي رپورٽ ڏينداسين انهي تي عدالت چيو ته اوهان بيجنگ ماڊل ڏسي عدالت جي مدد ڪريو.عدالت حڪومتي قدمن جي تعريف ڪندي چيو ته حڪومت کي گهرجي ته اعلان ڪري زرعي زمين تي هائوسنگ سوسائٽيون نه ٺاهيون وڃن. زمين اندر پاڻي محفوظ ڪرڻ وارو هڪ ٻوٽو آهي جنهن کي وڌ کان وڌ لڳايو وڃي ۽ 10 ماڙ گهرن ۾ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ لازمي قرار ڏنو وڃي.