اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت شروعات، 400 پوائنٽن جو اضافو

ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت ڪاروباري رجحان جاري آهي.ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي مثبت شروعات ڪئي وئي۽ 100 انڊيڪس 405 پوائنٽس اضافو ٿي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس واپار جي شروعات تي 94596 جي سطح تي پهچي ويو جڏهن ته انڊيڪس 94685 جي نئين بلند ترين سطح کي ڇهيو.ياد رهي ته گذريل ڪجهه عرصي کان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو ويو آهي ۽ ان دوران 100 انڊيڪس ڪيترائي ڀيرا نئين بلندي کي ڇهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔