مهانگائي جي ماريل عوام مٿان بجلي ڪيرائي وئي آهي، حڪومت بجلي قيمت ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي
نيپرا بجلي جي قيمتن ۾ هڪ رپيو 25 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي
بجلي جي قيمتن ۾ ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ واڌ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، نيپرا پاران چيو ويو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جنوري کان مارچ تائين جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ وصول ڪئي ويندي
نيپرا موجب قيمتن ۾ واڌ هلندڙ سال جون کان سيپٽمبر تائين لاڳو هوندي، بجلي جي قيمت ۾ واڌ جي صورت ۾ عوام تي 46 ارب رپين جو اضافي بار پوندو
جڏهن ته نيپرا پاران بجلي جي قيمتن بابت تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو
- TAGS