سنڌ ۾ بادشاهت قائم آهي، عدالت تي اعتماد آهي، پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪندس: حليم عادل شيخ

ڪراچي : پي ايس88 تي ننڍي چونڊ۽ قبضن خلاف آپريشن ۾ مداخلت ۽ هنگامي وارن ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ حليم عادل شيخ ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا،ڪيس جو جاچ آفيسر پيش نه ٿيڻ تي عدالت 27سيپٽمبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پيشي بعد عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ۾ بادشاهت قائم آهي، عدالت تي اعتماد آهي، پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪندس، اڳ جيڪا پي ڊي ايم هئي هاڻي اها رڳو ڊي ايم يا ڊيزل موومينٽ رهجي وئي آهي، سنڌ ۾ اسڪول بند آهن پر جلسا ٿي رهيا آهن.

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔