براؤزنگ تازہ ترین
تازہ ترین
ق ليگ جون حڪومت کي ميارون، اهم اجلاس طلب
لاهور: تحريڪ انصاف جي اتحادي جماعت ق ليگ جي اڳواڻ پرويز الاهي چيو آهي ته اسان ٽن سالن کان حڪومت جو ساٿ نڀائي رهيا آهيون پر اهي اسان جو ساٿ نه پيا ڏين.
ق ليگ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن جي سربراهي چوڌري پرويز…
خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير به مهانگائيءَ جو اعتراف ڪري ورتو
ڪرڪ: خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان به ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو اعتراف ڪري ورتو.
ڪرڪ ۾ جلسي سان خطاب ڪندي محمود خان چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي آهي، جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ اسان جو ڪم آهي.
هن چيو ته ماضي جي حڪومتن اربين ڊالرن جو قرض ورتو، اهي ڪير…
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو رولو ڪتن کي زهر ڏئي مارڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار، آفيسر طلب
اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رولو ڪتن کي زهر ڏئي مارڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته آفيسر پيش ٿي ٻڌائن ته عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڇو ڪئي وئي؟ عدالت رولو ڪتن کي…
اپوزيشن گهڻي دير ڪري ڇڏي، هاڻ خوار ٿيندي: شيخ رشيد
اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڌرڻي جو اصل وقت تڏهن هو، جڏهن فضل الرحمان پهريون ڀيرو اسلام آباد آيو هو، هاڻ اهي ڌرڻو هڻندا ته خوار ٿيندا.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو اپوزيشن سان شڪايت آهي ته انهن جلسا…
سرڪاري ٽي وي جي اسپورٽس اينڪر نعمان نياز ۽ شعيب اختر ۾ ٺاھ ٿي ويو
ڪراچي: سرڪاري ٽي وي جي اسپورٽس اينڪر نعمان نياز اڳوڻي ڪرڪيٽر شعيب اختر کان غير مشروف معافي وٺي ڇڏي آھي، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري جي ٽياڪڙي سان شعيب اختر ۽ ڊاڪٽر نعمان نياز ۾ ڳالهيون ٿيون، جنهن بعد ٻنهي ۾ ٺاهه ٿي ويو
ڊاڪٽر نعمان…
ٽن سالن کان حڪومت جو ساٿ پيا ڏيون، هي نه پيا ڏين: چوڌري پرويز الاهي
لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي پنجاب ۽ وفاق ۾ اتحادي ۽ مسلم ليگ ق جي اڳواڻ پرويز الاهي چيو آهي ته اسان ٽن سالن کان حڪومت سان ساٿ پيا نڀايون پر اها اسان سان ساٿ نه پئي نڀائي.
مسلم ليگ (ق) جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي،…
سينيئر اداڪار سهيل اصغر لاڏاڻو ڪري ويو
لاهور: پي ٽي وي جو مشهور اداڪار سهيل اصغر لاڏاڻو ڪري ويو آهي. هو گذريل ڏيڍ سال کان بيماري جي بستري تي هو، سندس معدي جي سرجري به ٿي هئي، جنهن بعد هو وڌيڪ عليل ٿي ويو. سهيل اصغر جي جنازي نماز سڀاڻي ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي.
سهيل اصغر!-->!-->!-->!-->!-->…
باجوڙ ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪو، 2 پوليس اهلڪار شهيد
ڪراچي: ڪي پي جي علائقي باجوڙ ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن، ڊي پي او عبدالصمد خان ڌماڪي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڌماڪو راغگان ڊيم جي ويجهو ٿيو، جنهن ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا
عبدالصمد خان جو چوڻ آهي ته ڌماڪو!-->!-->!-->…
وفاقي حڪومت لاءِ مسئلا وڌڻ لڳا، فنڪشنل ليگ به باغي ٿيڻ لڳي
ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ مسلم ليگ ق کانپوءِ فنڪشنل ليگ به حڪومت اتحاد کان باغي ٿيڻ لڳي.
فنڪشنل ليگ سنڌ جي سيڪريٽري سردار عبدالڪريم چيو آهي ته فنڪشنل ليگ وفاقي حڪومت کان لاتعلقي اختيار ڪري ورتي آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ميڊيا سان…
سياسي مداخلت پوليس ڪارڪردگي کي متاثر ڪري ٿي: چيف جسٽس
اسلام آباد : چيف جسٽس پاڪستان جسٽ گلزار احمد چيو آهي ته پوليس جي معاملن ۾ سياسي مداخلت جي ڪري ڪارڪردگي متاثر ٿي رهي آهي.
اسلام آباد ۾ پوليس سڌارن واري ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ۾ چيف جسٽس چيو آهي ته ناقص ڳڻتي ۽ پيشوراڻي مهارت جو فقدارن…