مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف تبديلي تي ڏمرجي پيو

لاهور: قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ ن ليگ جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته سئي سدرن ڪمپني صنعتن ۽ مقامي پيداواري يونٽس کي گئس فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي، ڇا اها تبديلي آهي؟

شهباز شريف پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ملڪ ۾ گيهه 450 رپيا ڪلو ملي رهيو آهي، ڇا ان کي تبديلي چوندا آهن؟ اسٽيٽ بئنڪ هڪ ڀيرو ٻيهر وياج جي شرح وڌائي رهي آهي، ڇا ان کي تبديلي سڏيو ويندو آهي؟

هن چيو ته پاڪستان مهانگائي جي حساب سان دنيا ۾ ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي، ڇا اها تبديلي آئي آهي؟

سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت عوام کان انتقام وٺي رهي آهي، جن ماڻهن کي پي ٽي آءِ مان اميدون هيون، حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي جي ڪري هاڻي اهي به مايوس ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔