ارسا پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نٿي ڪري:ڄام خان شورو

ڪراچي: سنڌ جي آبپاشي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته ارسا پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نٿي ڪري، پنجاب سنڌ جو پاڻي روڪڻ لاءِ نوان ڪئنال کولي رهيو آهي، سنڌ ۾ پاڻي جي سنگين ۽ لڳاتار کوٽ سبب زراعت تباهه ٿي وئي، ورڇ جوڳي پول مان به حق نٿو ملي

ڪراچي ۾ صوبائي وزير سعيد غني سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ڄام خان شورو چيو تھ سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ملڻ سبب سکر بئراج جي رائيٽ بئنڪ وارو پاسو شديد متاثر ٿيو آهي، سڄي سنڌ پاڻي تي ڀاڙي ٿي پر هتي پاڻي جو سنگين بحران پيدا ڪيو ويو آهي، ارسا 94ع جي معاهدي تحت سنڌ کي پاڻي نٿي ڏئي، پي ٽي آءِ سرڪار سنڌ ۾ پاڻي جا 109 چئنلز ٺاهڻ وارن منصوبن جا پئسا به روڪي ڇڏيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔