اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف زرداري خلاف نيب ريفرنس کي قانون کان مٿانهون قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: نيب جا سمورا ڪيسز قانون پٽاندڙ نه هجڻ سبب خراب ٿي ويندا آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف نيب ريفرنس کي قانون کان مٿانهون قرار ڏئي ڇڏيو آھي

نيب کي انڪم ٽئڪس جو مامرو ڪڍي 18 جنوري تائين ريفرنس تيار ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو، نيويارڪ پراپرٽي ريفرنس ۾ بريت جي اپيل تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ايف بي آر کي آصف زرداري جي ٽئڪسز جي آڊٽ ڪرائڻ جو اختيار آهي، انڪم ٽئڪس جي ڪنهن به آرڊر جو حوالو ڏيڻ بنا آصف زرداري خلاف ريفرنس ٺاهي ڏيکاريو

چيف جسٽس اطھر من الله نيب جنهن رستي تي هلي ٿو، اُن سان رڳو وقت ضايع ڪري رهيو آهي، نيب قانون کان مٿانهون نه آهي، نيب پنهنجي طور انڪم ٽئڪس آرڊر کي ڪالعدم ڪيئن ٿو قرار ڏئي سگهي، نيب وٽ ايف بي آر جو اسيسمينٽ آرڊر ڪالعدم قرار ڏيڻ جو اختيار ناهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔