لاڙڪاڻي ڀرسان پوليس مقابلو: ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ٽن ايس ايڇ اوز کي معطل ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو جي ڳوٺ وڏا مهر ۾ پوليس مقابلي دوران ٻن اهلڪارن جي شهيد ۽ هڪ ڳوٺاڻي جي مارجڻ واري واقعي جو نوٽيس، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ٽن ايس ايڇ اوز کي معطل ڪري ڇڏيو آھي

معاملي جي جاچ لاءِ فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي، ڪميٽي ۾ ايس ايس پي تنوير تنيو ۽ ايس ايس پي امجد شيخ شامل، ڪميٽي کي 5 ڏينهن ۾ جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي

بقا پور ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ مقابلي جو ڪيس داخل، مارجي ويل راجو مهر سوڌو 17 ڄڻا جوابدار نامزد ڪيا ويا آھن، مقابلي ۾ شهيد ٿيل اي ايس آءِ مظفر کوسو ۽ اهلڪار نواب جتوئي جا مڙهه اعزاز سان دفنايا ويا

مارجي ويل راجو مهر جي وارثن طرفان ايس ايس پي آفيس اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، پ پ اڳواڻ طارق سيال ڌرڻي واري ھنڌ پھتو، راجو مهر جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس بنا جواز فائرنگ ڪري راجو کي ماري ڇڏيو ۽ مٺا خان مهر کي زخمي ڪيو، شفاف جاچ ڪرائي حقيقتون پڌريون ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔