فُٽ پاٿن، پبلڪ پارڪس ۽ رستن تان اڏاوتون هٽائڻ بابت رپورٽ رد

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ فُٽ پاٿن، پبلڪ پارڪس ۽ رستن تان اڏاوتون هٽائڻ بابت رپورٽ رد ڪري ڇڏي آھي، ڊائريڪٽر ائنٽي انڪروچمينٽ طرفان پيش ڪيل رپورٽ اکين ۾ ڌوڙ قرار ڏنو ويو آھي

سنڌ ھاءِ ڪورٽ پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته فُٽ پاٿ، رستن، سيوريج لائنز ۽ پبلڪ پارڪس تان حددخليون هٽائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن، رپورٽ اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ برابر آھي، قدم کنيا وڃن

عدالت ڊي سي اوڀر ڪراچي کي تفصيلي رپورٽ سان گڏ طلب ڪري ورتو آھي، ڪراچي ۾ عدالت فُٽ پاٿن، پبلڪ پارڪس ۽ رستن تان اڏاوتون ھٽائڻ جو حڪم ڏيندي رپورٽ ڏيڻ جو چيو ھو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔