براؤزنگ دلچسپ خبرون

دلچسپ خبرون

بهترين وڏو وزير عثمان بزدار يا مراد علي شاهه؟ عوام جي ٽوئٽر تي ووٽنگ

اسلام آباد: پنجاب جو وڏو وزير عثمان بزدار ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه مان بهترين وڏو وزير ڪير آهي.؟ ان حوالي سان عوام ٽوئٽر تي ووٽنگ شروع ڪري ڇڏي آهي. مشهور پاڪستاني ڪالم نگار ۽ صحافي انور لودهي ٻنهي جي وچ ۾ ٽوئٽر تي ووٽنگ ڪرائي ۽

ڪار ريس ڏسڻ لاء شوقينن ڪرينز ڪرائي تي حاصل ڪري ورتيون!!

وارسا: پولش ڪار شوقينن ريس ڏسڻ لاءِ 21 ڪرينز ڪرائي تي حاصل ڪري ورتيون. پرڏيهي خبر رساں ايجنسي جي رپورٽ مطابق جڏهن يورپي ملڪ پولينڊ ۾ تيز رفتار ڪار جي تقريب منعقد ڪئي وئي ته مداحن پنهنجي من پسند ڊرائيور جي حمايت لاءِ بي مثال ڪارنامو انجام

ڀارت ۾ ٻڪرو فيس ماسڪ نه پائڻ سبب گرفتار !!!

نئين دهلي: ڀارتي پوليس ڪرونا وائرس جي احتياطي تدبيرن جي ڀڃڪڙي جي الزم هيٺ هڪ ٻڪري کي گرفتار ڪيو آهي . پرڏيهي خبر ايجنسي جي هڪ رپورٽ مطابق ڀارتي پوليس اترپرديش جي شهر ڪانپور ۾ هڪ انوکو آپريشن ڪيو ، جنهن ۾ هڪ بي زبان جانور کي ڪورونا وائرس

مصر ۾ عجيب مخلوق سبب خوف ۽ حراس پکڙجي ويو..

قاهره: مصر ۾ عجيب ’مخلوق‘ ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکيڙي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب مصر ۾ سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير وائرل ٿيڻ کانپوءِ ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آهي ، ماڻهن شام جي وقت پنهنجن گهرن جي دروازن ۽ درين کي بند ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. سوشل

ڀارت ۾ صارفين کي سينيٽائزر ڏيڻ لاءِ ساڙهي پاتل خودڪار مجسمن جو استعمال

نئين دهلي: عالمي وبا ڪورونا وائرس اسان جي روزاني جي زندگي کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي هاڻ هر ڪو گهر مان نڪرڻ وقت سمورين احتياطي تدبيرن تي لازمي عمل ڪندو آهي هاڻ تازو ئي ڀارت ۾ هڪ ٽيڪسٽائل شو روم تي صارفين کي سينيٽائزر فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ

آسٽريليا : ڪينگروز فٽبال گرائونڊ تي قبضو ڪري ورتو !!

ڪينبرا: آسٽريليا ۾ ڪينگروز هڪ فٽبال گرائونڊ ۾ داخل ٿيا ۽ ڪجه ئي وقت اندر رانديگرن کي ٻاهر ڪڍي ميدان تي قبضو ڪري ورتو. ميڊيا رپورٽن مطابق هڪ وڊيو ۾ ڪجهه ڪينگروز فٽبال گرائونڊ ڏانهن ڊوڙندي نظر اچن ٿا . اهو واقعو آسٽريليا جي مير ميبولا شهر ۾

چوهٺ سالن کان وار نه ڪٽرائيندڙ عورت جا وار ڇهه ميٽر ڊگها ٿي ويا

هنوئي: ويٽنام ۾ هڪ اهڙي بزرگ عورت موجود آهي جنهن 64 سالن کان وار نه ڪٽرايا آهن ۽ هاڻ سندس اهي وار ڪنهن وڏي نانگ جيان 6 ميٽر تائين ڊگها ٿي چڪا آهن.ميڊيا رپورٽ موجب ويٽنام جي صوبي بين ٽري سان تعلق رکندڙ 83 ساله نيگيو تهائي وين ٻڌايو ته

ٻارن جي آن لائن ڪلاس لاءِ غريب پيءُ ڪمائي جو واحد ذريعو وڪرو ڪري ڇڏيو

نئين دهلي: ڀارت ۾ غريب پيءُ ٻارن جي آن لائن ڪلاسن جي خاطر اسمارٽ فون خريد ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو واحد ڪمائي جو ذريعو به وڪرو ڪري ڇڏيو.رپورٽ موجب عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ تعليمي ادارا ڪجهه مهينن کان بند آهن جنهن سبب

اونچي ٽڪري تي سامان سان ڀريل ٽريڪٽر گاڏي جي چڙهڻ جي ويڊيو وائرل

نئين دهلي : ڀارتي رياست اترکنڊ جي ڪيدهارناٿ جي اونچي ٽڪري تي سامان سان ڀريل ٽريڪٽر گاڏي جي چڙهڻ جي ويڊيو وائرل ٿي وئي. تفصيل موجب ماڻهو ان وقت حيران ٿي ويا جڏهن انهن هڪ وڊيو ۾ ڏٺو ته سامان ۽ مسافرن سان ڀريل هڪ ٽريڪٽر ڪيدهارناٿ جي خطرناڪ

ايمازون جي سربراهه جيف بيزوس جي دولت ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ 13 ارب ڊالرن جي واڌ

لنڊن: آن لائن واپاري ڪمپني ايمازون جي سربراهه ۽ ارب پتي جيف بيزوس جي دولت ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ 13 ارب ڊالرن جي واڌ ٿي آهي جيڪا ڪنهن به ماڻهو جي لاءِ هڪ ڏينهن جي دولت ۾ سڀني کان وڌيڪ واڌ آهي. عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا جي معيشت خطري