ڀارت ۾ صارفين کي سينيٽائزر ڏيڻ لاءِ ساڙهي پاتل خودڪار مجسمن جو استعمال

نئين دهلي: عالمي وبا ڪورونا وائرس اسان جي روزاني جي زندگي کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي هاڻ هر ڪو گهر مان نڪرڻ وقت سمورين احتياطي تدبيرن تي لازمي عمل ڪندو آهي هاڻ تازو ئي ڀارت ۾ هڪ ٽيڪسٽائل شو روم تي صارفين کي سينيٽائزر فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ انوکو طريقو اختيار ڪيو ويو آهي جيڪا وڊيو تمام گهڻي وائرل ٿي رهي آهي.وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٽيڪسٽائيل شو روم ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي خودڪار مجسمن کي ساڙهي پائڻ جو صارفين کي سينيٽائزر فراهم ڪرڻ جي لاءِ لڳايو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔