گڏيل قومن جي نئين چونڊيل صدر پاڪستان جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

نيويارڪ: گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي نئين چونڊيل صدر وولڪن بوزڪر پاڪستان جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.هن سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي لکيو آهي ته مان پاڪستان جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي جيڪو 26 کان 27 جولاءِ تي شيڊول هو. پاڪستان جي دوري جي دعوت پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڏني هئي. وولڪن بوزڪر لکيو آهي ته پاڪستان جو دورو فلائيٽس ۾ ٽيڪنيڪل مسئلن سبب ملتوي ڪيو آهي.هڪ ٻئي ٽوئٽ ۾ هن لکيو آهي ته مان مستقبل ۾ پاڪستان جي دوري جي اميد ڪريان ٿو ۽ پاڪستان اختيارين سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهين جو منتظر آهيان. ان حوالي سان پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٽوئٽ ڪيو ته مان اوهان جي تعميري ۽ نتيجا ڏيندڙ پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪرڻ جو منتظر آهيان. اميد آهي ته نئون چونڊيل صدر جلد پاڪستان جي دوري تي ايندو وولڪن بوزڪر جو دورو انتهائي اهم نتيجن تي ٻڌل هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔