مصر ۾ عجيب مخلوق سبب خوف ۽ حراس پکڙجي ويو..

قاهره: مصر ۾ عجيب ’مخلوق‘ ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکيڙي ڇڏيو آهي.
تفصيل موجب مصر ۾ سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير وائرل ٿيڻ کانپوءِ ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آهي ، ماڻهن شام جي وقت پنهنجن گهرن جي دروازن ۽ درين کي بند ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
سوشل ميڊيا تي هڪ وائرل ٿيندڙ تصوير هڪ عجيب مخلوق کي ڏيکاري ٿي جيڪا هڪ وڏي ويڙهاڪ وانگر نظر اچي ٿي ، چيو وڃي ٿو ته مصر ، ليبيا ۽ تيونس ۾ به اها مخلوق ملي آهي.
هڪ مقامي مصري ميگزين اوڪاز مطابق اها تصوير مقامي ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پيدا ڪري رهي آهي.
تصوير ۾ اهو ڏسي سگهجي ٿو ته مخلوق هڪ وڇهون ۽ مڪڙي جهڙي شڪل جي آهي پر ان ۾ هڪ ڊگهي پڇ پڻ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔