موبائيل فونز تي شهرين سان فراڊ تي اسٽيٽ بئنڪ جو اهم بيان جاري

ڪراچي: اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته هو پنهنجي ايم ٽي ايم يا ڪريڊ ڪارڊ جو ڪوڊ ڪنهن سان به شيئر نه ڪن.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ترجمان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽويٽر تي هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو ۽ شهرين تي زور ڀريو ته هو ٽيليفون يا موبائيل ڪالن تي پنهنجي ذاتي معلومات ڪنهن سان به شيئر نه ڪن.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) صارفين کي خبردار ڪيو آهي ته ڪجهه ماڻو فون يا موبائل ڪالن ذريعي پاڻ کي بينڪ جو نمائندو ظاهر ڪندي اي ٽي ايم يا ڪريڊٽ ڪارڊ بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پڻ ان سلسلي ۾ هيلپ لائن نمبر ۽ اي ميل جاري ڪيا آهن ۽ شهرين کان جعلي ڪالون حاصل ڪرڻ کانپوءِ شڪايتون درج ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔