ڪراچيءَ ۾ برسات جا هاڃا،هر پاسي ٻوڏ جهڙا منظر، وِڄ ڪرڻ ۽ ڪرنٽ لڳڻ سميت مختلف واقعن ۾ 7 ڄڻا فوت

ڪراچي : سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ برسات کانپوءِ ٻوڏ جهڙا منظرنظر اچي رهيا آهن،، اڪثر علائقن ۾ روڊن تي بيٺل پاڻي اڃا تائين نيڪال نه ٿي سگهيو،ڪيتريون ئي گاڏيون برسات جي پاڻي ۾ ٻڌي ويون جڏهن ته برسات جو پاڻي ڪيترن ئي هيٺاهن علائقن جي گهرن ۽ دڪانن ۾ پڻ داخل ٿي ويو آهي ، وڄ ڪرڻ ۽ ڪرنٽ لڳڻ سميت مختلف واقعن ۾ ڀرياسٽي واسي نوجوان سميت 7 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪي اليڪٽرڪ جا بند ٿيل 45 فيڊر اڃا تائين بحال نه ٿي سگهيا، بلديه، اورنگي، ڪورنگي، سرجاني، بن قاسم، ۽ گلشن اقبال سميت ٻين علائقن ۾ رهواسين رات جاڳي گذاري، جڏهن ته صبح سان ئي مختلف علائقن ۾ پاڻي بيهجڻ سب رستن تي ٽريفڪ جام رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔