بهترين وڏو وزير عثمان بزدار يا مراد علي شاهه؟ عوام جي ٽوئٽر تي ووٽنگ

اسلام آباد: پنجاب جو وڏو وزير عثمان بزدار ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه مان بهترين وڏو وزير ڪير آهي.؟ ان حوالي سان عوام ٽوئٽر تي ووٽنگ شروع ڪري ڇڏي آهي.

مشهور پاڪستاني ڪالم نگار ۽ صحافي انور لودهي ٻنهي جي وچ ۾ ٽوئٽر تي ووٽنگ ڪرائي ۽ ان باري ۾ جاچ ڪئي ته صارفين بهتر وڏو وزير ڪنهن کي مڃين ٿا.؟

ٽوئٽر تي ان حوالي سان 17.668 ووٽ وڌا ويا، جنهن مان 88 سيڪڙو ووٽ عثمان بزدار حاصل ڪيا جڏهن ته 12 سيڪڙو مراد علي شاهه ووٽ حاصل ڪيا. اهڙي طرح ٽوئٽر تي عثمان بزدار مراد علي شاهه کي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

واضح رهي ته پنجاب جو وڏو وزير پنهنجي ڪارڪردگي تي  هميشه تنقيد جو نشانو بنجندو رهندو آهي. جڏهن ته سنڌ جي  وڏي وزير مراد علي شاهه کي تازو ئي ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ کنيل قدمن تي تمام گهڻي تعريف ڪئي وئي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔